ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي

ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي: ديوان شيوارام ولد ڏيون مل کيمچند، 17 سيپٽمبر 1883ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هن جو والد راءِ بهادر ديوان ڏيونمل کيمچند، سنڌ جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ ٿي رهيو هو. هي ٺٽي جي مشهور وزيراڻي ديوانن مان هو. ديوان شيوارام ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ديوان شيوارام زمينداري ۽ واپار جو ڪم ڪندو هو. هن کي 1906ع ۾ سرڪار پاران ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر نامزد ڪيو ويو، جنهن تي وري 5 مئي 1909ع ۾ ٻيهر نامزد ٿيو. ساڳئي سال ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ تي نامزد ٿيو، جڏهن 1912ع ۾ سرڪار طرفان ڪراچيءَ ۾ آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا ته هن کي به آنررري مئجسٽريٽ ڪري رکيو ويو. 1934ع ۾ هي اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. انهيءَ وقت کان پاڻ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ ايتريقدر مشهور ٿيو، جو 1913ع ۾ جيڪو آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس سنڌ ۾ ٿيو. ان جي مرحبائي ڪاميٽيءَ تي مسٽر ڏيپچند اوجھا سان گڏ کيس خزانچي مقرر ڪيو ويو هو. 1920ع ۾ ديوان شيوارام ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو پهريون چونڊيل پريزيڊنٽ ٿيو. هي ’برهمو سماج‘ جو ميمبر هو، جيڪا آزاد خيال هندن جي جماعت هئي. 1921ع ۾ هن کي راءِ صاحب جو خطاب مليو ۽ 1927ع ۾ سجاول ۾ هڪ پاڻيءَ جو جهاز ٺهيو هو، جنهن جو نالو ’راءِ بهادر‘ رکيو ويو، جيڪو پوءِ محمد يوسف چانڊئي جي پريزيڊنٽيءَ جي وقت ۾ بدلائي کهڙي صاحب جي نالي ڪيو ويو. بهادر شيوارام'>راءِ بهادر شيوارام ڪراچيءَ ۾ لوئيس لارينس انسٽيٽيوٽ جي بانين مان هو. ڪراچي ميونسپل گارڊن ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال چيئرمئن ٿي رهيو. ان کانسواءِ ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو 1927ع کان 1930ع تائين چيئرمئن ٿي رهيو ۽ ٻين ادارن ۾ به ڪم ڪيائين، جن ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، 1924ع، ريلوي ائڊوائزري ڪاميٽي (1924ع)، ڪراچي سينٽرل جيل ڪاميٽي (1923ع کان 1927ع تائين)، ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر (1921ع کان 1928ع تائين)، ڪراچي بئنڪ جو چيئرمئن ۽ ڊائريڪٽر، ڊي، جي سنڌ ڪاليج جي بورڊ جو ميمبر، ڪراچي ڪلب جو پريزيڊنٽ، ’سنڌ آبزرور‘ انگلش ڊيلي لميٽڊ جي بورڊ جو چيئرمئن، ڪراچيءَ جي هندو جيمخاني جو اعزازي خزانچي، سنڌ پراونشل ريڊ ڪراس سوسائٽيءَ جو اعزازي خزانچي، ڪراچي سول اسپتال ايسوسيئيشن جو ميمبر، انڊين روڊس ائنڊ ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن ڪراچي برانچ جو چيئرمئن وغيره. بهادر شيوارام'>راءِ بهادر شيوارام لاءِ سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪم آزار، خوش خلق، وقت سر ڪم ايندڙ، وسيع لاڳاپن جو مالڪ، سچو دوست، بغض ۽ دشمنيءَ جي خرابيءَ کان خالي هو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.09.17  عيسوي

ديوان شيوارام ولد ڏيون مل کيمچند، 17 سيپٽمبر 1883ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو.


1909.05.05  عيسوي

هن کي 1906ع ۾ سرڪار پاران ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر نامزد ڪيو ويو، جنهن تي وري 5 مئي 1909ع ۾ ٻيهر نامزد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ حبيب الله ماستر
حاجي امام الدين راشدي
پير غلام شاهه جيلاني
سيد مير لطف الله سيوستاني
بلوچ سرور
قائداعظم محمد علي جناح
ڏاهري متارو خان
ڏهيسر
ظفر علي شر
بيربل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون